بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا آرتي ڇابريا خاموشي سان شادي ڪري ورتي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور 36 ورهين جي اداڪارا آرتي ڇابڙيا خاموشي سان شادي ڪري پنهنجي مداحن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب آرتي ڇابريا تم/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 10

سي اڇا ڪون هي، شادي نمبر ون، پارٽنر، اناميڪا ۽ هي بيبي سميت ڪيترين ئي بالي ووڊ فلمن ۾ ڪميو جڏهن ته هاڻ ڀارتي ميڊيا ۾ خبر باهه بڻجي ڦهلجي وئي آهي ته هن خاموشي سان شادي ڪري ورتي آهي جنهن جون تصويرون به انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويون آهن.ايستائين اهو امر به ذڪر جوڳو آهي اداڪارا ڪجهه عرصو اڳ اهو اعتراف ڪيو هو ته هن پنهنجي زندگي جي ساٿي جي چونڊ ڪري ور تي آهي جڏهن ته هاڻ ئي هن گهروارن جي اجازت حاصل نه ڪئي آهي.اداڪارا 2001ع ۾ فلم لجا سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جڏهن ته ان مان هوءَ شهرت حاصل نه ڪري سگهي پر ان جي فلم تم سي اڇا ڪون هي ماڻهن جي توجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ کيس تمام  گهڻي مقبوليٽ حاصل ٿي، سندس بالي ووڊ جي آخري فلم دس تولا 2010ع ۾ رليز ٿي هئي جڏهن ته سندس آخري پنجابي فلم وياهه 70 ڪلوميٽر 2013ع ۾ رليز ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *