ريحام خان آئنده تحريڪ انصاف جي ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي:عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پِي ٽِي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سندس گهر واري ريحام خان آئنده تحريڪ انصاف جي ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي، کيس نه پارٽي ۾ ڪو عهدو ڏنو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان اين اي 19 هري پورجي ننڍي چونڊ ۾ شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ريحام خان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ريحام خان تحريڪ انصاف جي اميدوار جي چوڻ تي تڪ ۾ وئي ۽ اها ڳالهه رڪارڊ جو حصو آهي ته هـُن هميشه پي ٽي آءِ ميمبرز ۽ خاص طور عورتن طرفان گهـُرائڻ تي ئي ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. عمران خان چيو ته سندس گهر واري ريحام خان آئنده تحريڪ انصاف جي ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي، کيس نه پارٽي ۾ ڪو عهدو ڏنو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *