مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم کي استعيفائن جي معاملي تي ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ راضي ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جـي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم کي استعيفائن جي معاملي تي ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ راضي ڪري ورتو، جيڪو اسلام آباد ۾ ٿيندو، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته متحده بهتر رويو جاري رکندي. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي پهتو ته متحده ڪارڪنن سندس روايتي طريقي سان شاندار آجيان ڪئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي حملي جي خبر اچڻ بعد خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ڳالهيون روڪيون ويون. مولانا فضل الرحمان، رشيد گوڊيل تي حملي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. ڪجهه دير کانپوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿيون. ڳالهين کانپوءِ مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جي يو آءِ سربراهه ٽياڪڙي طور نائين زيرو آيو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کين اچي مڃايو آهي ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم پارليامينٽ ۾ رهندي مسئلا حل ڪري. فاروق ستار چيو ته الطاف حسين ۽ هنن مولانا فضل الرحمان تي اعتماد ڪيو آهي. هن چيو ته جــَي يــُو آءِ سربراهه سان ڳالهيون جاري هيون ته رشيد گوڊيل تي حملي جي خبر ملي، حملو بزدلاڻي ڪارروائي ۽ ڳالهين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته هــُو خير سگالي طور تي مسئلي جو حل ڪڍڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪو ناراض ٿي وڃي ته ان کي پرچائڻ لاءِ وڃڻو ئي پوندو آهي، ڳالهين دوران انتهائي اهم معاملي تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته رشيد گوڊيل تي حملي جي خبر ڏني وئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هـُو الطاف حسين ۽ سندس ساٿين جو ٿورائتو آهي جن افسوسناڪ واقعي باوجود بهتر رويو اختيار ڪيو، اميد آهي ته ايم ڪيو ايم ايئن ئي رويو جاري رکندي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڳالهين جو ٻيو دورو اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ راضي ٿي ويا آهن. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم طرفان اسيمبلين ۽ سينيٽ تان استعيفائون ڏيڻ بعد حڪومت انهن کي منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ متحده جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کي ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *