شهيد شجاع خانزاده جو دهشتگرديءَ جي خاتمي وارو مِشن مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندو: شهباز شريف

لاهور(اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن هدايتون ڏنيون آهن ته دهشتگردن ۽ سندن سهولت ڪارن خلاف آپريشن کي تيز ڪيو وڃي، امن امان جي صورتحال بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير شجاع خانزاده جي شهادت کي قومي سانحو قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪ هڪ بهادر ۽ پاڻ ارپيندڙسياستدان کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته شهيد جون خدمتون ڊگهي عرصي تائين ياد رکيون وينديون، هن شهيد جي مشن کي دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ جاري رکڻ جو عزم ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد قوم جي دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه واري عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردن ۽ کين سهولتون فراهم ڪندڙن سان کُلي جنگ آهي ۽ دهشتگردي توڙي انتهاپسنديءَ جون پاڙون پٽيون وينديون ته جيئن اسان جي ڌرتيءَ کي محفوظ ۽ پرامن بڻائي سگهجي. هن عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون. ميان محمد شهباز شريف چيو ته انٽيليجنس سسٽم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي متحرڪ انداز ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *