رياست ماءُ جيان هوندي آهي، لاپتا ماڻهن جي وارثن کي ٻڌايو ته انهن جا پيارا ڪٿي آهن: مريم نواز

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. مريم نواز ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري اتي موجود خاندانن سان ڳالهايو ۽ ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته وزيراعظم هتي اچي ۽ ماڻهن سان ڳالهائي، شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، پنهنجي ماڻهن سان اهڙو ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتون کليل آهن، انهن جا ڪيس عدالتن ۾ هلايا وڃن، خدا جي واسطي گم ٿيلن جي وارثن کي اهو ئي ٻڌائي ڇڏيو ته انهن جا پيارا جيئرا آهن يا نه. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ جي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ڌرڻو هنيو آهي ۽ پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن  مريم نواز چيو ته وزيراعظم هتي اچي ۽ ماڻهن سان ڳالهائي، شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، پنهنجي ماڻهن سان اهڙو ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتون کليل آهن، انهن جا ڪيس عدالتن ۾ هلايا وڃن، خدا جي واسطي گم ٿيلن جي وارثن کي اهو ئي ٻڌائي ڇڏيو ته انهن جا پيارا جيئرا آهن يا نه. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ جي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ڌرڻو هنيو آهي ۽ پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *