ڇا حليم عادل شيخ کي مون چيو هو ته ملير ۾ جديد هٿيار کڻي وڃي؟: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سانگهڙ جي ننڍي چونڊن ۾ هٿيار نه ڏيکاريا ويا ۽ هٿياربند محافظن مداخلت نه ڪئي انهي ڪري قانون حرڪت ۾ نه آيو پر ڪراچي ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ووٽرن کي تنگ ڪرڻ، اليڪشني عملي ۽ پي ايس 88 ۾ جنگ جھڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي تنهن ڪري قانون پنهنجو مناسب رستو اختيار ڪيو. اهڙو اظهار هن اربع تي اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو جتي هوءَ سينيٽ چونڊن لاءِ نامزد پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال لاءِ ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سانگهڙ ۾ ٿيل ننڍي چونڊن لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪيو پر رڳو ڪراچي ۾ قانون کي هٿ ۾ کنيو ويو انهي ڪري قانون پنهنجو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته آئون ڪڏهن به پوليس جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو آهيان ۽ پي ايس 88 ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو اخلاق جي ڀڃڪڙي ۽ بدامني پيدا ڪرڻ جو نتيجو آهي. ننڍي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي فتح بابت سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته پي ايس 88 ملير ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ 24 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جيڪي مرحوم مرتضيٰ بلوچ جي ووٽن کان وڌيڪ هئا انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ علائقي جي ماڻهن جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي جيڪي انهن جي بنيادي خدمت ڪن ٿا ۽ جيڪي ملير ۾ (پي ٽي آئي) اون ڪرڻ دعويٰ ڪندڙ آھن اهي ننڍي چونڊن ڪرائڻ جي نتيجي ۾ ٽئين پوزيشن تي آيا آھن ۽ ٻئين پوزيشن تي پي ٽي ايل وارا آهن. انهي جو مطلب آهي ته توهان ٻئي نمبر تي به نه هئا ته پوءِ توهان پولنگ اسٽيشنن تي جنگ جهڙو ماحول ڇو پيدا ڪيو ؟ هڪ سوال تي مراد علي شاهه چيو ته اڱاري تي [پولنگ جي ڏينهن] صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ صبح 10 وڳي کان امن مشق 2021 ڏسي رهيو هو جتي موبائل فون ڪم نه ڪري رهيا هئا. مون کي ڪابه خبر نه هئي ته پولنگ تي ڇا ٿي رهيو آهي پر جڏهن شام 4 وڳي موٽياسين ته مون ميڊيا تي ڏٺو ته پولنگ اسٽيشن تي جديد هٿيارن سان خانگي محافظن پاران جنگ جي صورتحال پيدا ڪئي وئي جنهن کي اليڪٽرونڪ ميڊيا ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪيو ۽ اُتي جيڪو ڪجھ بدامني ۽ غير اخلاقي حرڪت ڪئي وئي ۽ اھو ھڪ غير ذميواري روئي جو مظھر ھو. مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪرڻ کان منع ڪيو ويو ۽ مٿان هٿيار کڻي وڃڻ تي پڻ سختي سان منع ڪيو ويو جنهن تي آئون ڇا چئي سگهان ٿو جڏهن توهان [حليم عادل شيخ] پنهنجن نجي محافظن ذريعي هٿيار کڻي ويندو ته لازمي قانون پنهنجو رستو وٺندو.وڏي وزير چيو ته  PS-43 ۾ پيپلز پارٽي جي ڄام شبير علي 48028 ووٽن جي سرسي حاصل ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار رڳو 6925 ووٽ کنيا. هن سوال ڪيو ته سانگهڙ ۾ هٿيارن جي نمائش، ووٽرن کي تنگ ڪرڻ ۽ پولنگ عملدارن کي هٿياربند گارڊن پاران مداخلت ڇو نه ٿي ڇاڪاڻ ته هر هڪ اليڪشن ڪميشن جي ضابطي جي پيروي ڪئي  جيڪڏهن پي ايس 88 ملير ڪراچي ۾ اهو نه ڪيو وڃي ها ته ڪجهه به نه ٿئي ها. وڏي وزير پي ايس 43 ۽ پي ايس 88 جي عوام کي پيپلز پارٽي کي کٽرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کين پڪ ڏياريو ته سندس حڪومت سندن بهتر خدمت ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي ملڪ ۾ اونداهو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جنهن طريقي سان اهي حڪمراني ۽ ڪم ڪري رهيا آهن اهو هتان جي ماڻهن پاران رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڳجهي ووٽنگ جي لاءِ صدارتي حواله بابت سوال جو جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته اصل ۾ پي ٽي آءِ اوپن بيلٽ جي حق ۾ نه هئي، جيڪڏهن اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هجي ها ته سينيٽ اليڪشن کان پهريان اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي ها ۽ چيو ته هاڻي اهي [پي ٽي آءِ] غير محفوظ ٿي ويا آهن ڇوته انهن جي پارليامينٽ ميمبرن انهن اميدوارن جي خلاف بغاوت ڪئي آهي جن کي پي ٽي آءِ سينيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي  ۽ انهن عدم اعتماد ذريعي هڪ مشروط آرڊيننس متعارف ڪرائڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو حيران آهن ته پي ٽي آءِ حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي. مراد علي شاهه چيو ته هن سينيٽ ووٽ لاءِ ڪنهن ٻئي [پارٽي] پي ايم اي سان رابطو ناهي ڪيو، اهو مڪمل ريت پارليامينٽ ميمبرن تي آهي ته اهي ڪنهن جي چونڊ ڪندا آهن. هن چيو ته هن جا ٽي ووٽ آهن هڪ عام سيٽن لاءِ، ٻيو عورتن لاءِ ۽ ٽيون هڪ ٽيڪنوڪريٽ لاءِ.  هن چيو ته اسان جي پارٽي سڀني کان وڌيڪ مناسب اميدوار نامزد ڪيا آهن ۽ آئون انهن کي ووٽ ڏيندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *