سينيٽ چونڊن لاءِ عدليه سوڌو ٻين کان سهارو ورتو پيو وڃي: پي ڊي ايم

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارتي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو اهي ته جيڪڏهن هتي اليڪشن ڪميشن ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف نه هجن ها ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي وڃن ها اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي اڳواڻ ساهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي يوسف رضا گيلاني چيو ته نئربخاري اليڪشن ڪميشن سان سينيٽ شيڊول ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي اليڪسن ڪميشن نئربخاري جي ڳالهه نه مڃي ۽ واد جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هن چيو ته حڪومتي ميمبرن چيو ته اسان جي تياري نه آهي اسان کي وقت گهرجي جنهن تي اليڪشن ڪميشن کين وقت ڏيئي ڇڏيو آهي يوسف رضا گيلاني چيو ته کين وقت ڏنو پيو وڃي ته اوهان تياري ڪري اچو جيتوڻيڪ اسان وٽ مخالف اميدوار جي نااهلي جو گهڻو مواد آهي هن چيو ته مان پنهنجي وڪيل ان جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي هو منهنجي ڪابينه ۾ اڳوڻو وزير رهيو آهي اڳوني وزيراعظم گيلاني چيو ته مخالفن جا ايترا وڪيل آيا ۽ انهن وقت گهريو ته کين وقت ڏنو ويو پر منهنجي تجويز تائيد ڪندڙ کي وقت نٿو ڏنو وڃي ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته يوسف رضا گيلاني جي اميدوار بڻجڻ کان پوءِ ان جا پگهر لهي پيا آهن هن اميد ظاهر ڪئي ته قومي اسيمبلي جا ميمبر ميرٽ تي فيصلو ڪندا جنهن سان يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي پڪي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي آئين ۾ ترميم جو حق نه آهي پي ڊي ايم جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته آئين ۾ ترميم جو حق رڳو پارليامينٽ کي آهي هن چٽو موقف ڏيندي چيو ته ڪنهن چور دروازي کان آئين ۾ ترميم جي ڪوشش وڏي زيادتي هوندي پي ڊي ايم ان جي مخالفت ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي پي ڊي ايم چور دروازي کان آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿي هن چيو ته وڊيو اسڪينڊل ۾ پئسا وٺڻ، ڏيڻ ۽ خريد ڪندڙ پي ٽي آءِ جا ماڻهو آهن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن يوسف رضا گيلاني جا تجويز ۽ تائيد ڪندڙ نه هجن ها ته ان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن ٿا شاهد خاقان عباسي چيو ته يوسف رضا گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج ڪندڙ جو وڪيل ئي نه هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *