مريم صفدر جو تکو لهجو سندس وڌندڙ فرسٽريشن جو نتيجو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ن ليگ جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مريم صفدرجو وزيراعظم بابت لهجو سندس فرسٽريشن جو اظهار آهي، ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس ڊپ آهي ته عمران خان جي ڪاميابي سان ملڪ ترقي ۽ سياسي پارٽي جي آڙ ۾ سندس پرائيويٽ ڪمپني خساري ۾ويندي، هن چيو ته مريم صفدر پاران وزيراعظم پاڪستان بابت اهڙي قسم جو لهجو اختيار ڪرڻ سندس وڌندڙ فرسٽريشن جو اظهار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *