عدنان سميع جي زال ۽ ڌيءَ سميت ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات

نئين دهلي(شوبز نيوز)  مشهور راڳي عدنان سميع پنهنجي گهرواري رويا ۽ ڌيءَ مدينه سان گڏ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ هن ڌيءَ مدينه جي پيدائش جي خوشي ۾ نريندر مودي کي مديني شريف مان آندل مٺائي پيش ڪئي. ۴۰ منٽن تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ ٻئي ڪچهري ڪندا رهيا جنهن ۾ موسيقي سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي جڏهن ته ان دوران ڀارتي وزيراعظم عدنان سميع جي ننڍڙي ڌيءَ سان پيار ڪندو رهيو ۽ ساڻس کيڏندو پڻ رهيو. واضح رهي ته عدنان سميع کي ۲۰۱٦ع ۾ ڀارتي شهريت ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *