رميز راجا جي مراد علي شاهه سان ملاقات، سنڌ ۾ وڌيڪ ٽئلينٽ ڳولينداسين: بورڊ چيئرمين

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ڪراچي اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن، ڪرڪيٽ کي پروموٽ ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ کي بحال ڪرڻ چاهيان ٿو، حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ آندي سين ته وڌيڪ ٽئلينٽ اڳتي ايندو، حيدرآباد جو اسٽيڊيم ته آهي پر هوٽل جو مسئلو آهي، اسان هاڻ فيصلو ڪيو آهي ته رانديگرن کي باءِ ايئر وٺي وڃون، اهو منصوبو پي سي بي سان فائنل ڪنداسين.هن چيو ته سکر ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهي رهيا آهيون، اسان سنڌ جي ٽيم کي اسپانسر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.رميز راجا چيو ته سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جا بهترين رانديگر آهن، حيدرآباد مان زاهد حسين، لاڙڪاڻي مان شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻين علائقن مان سٺا رانديگر آهن، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪرڪيٽ کي پروموٽ ڪنداسين، اسان سنڌ ۾ وڌيڪ ٽئلينٽ ڳولينداسين.پي سي بي چيئرمين رميز راجا وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پي سي بي طرفان هر قسم جي سپورٽ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته وڏي وزير طرفان پي سي بي چيئرمين کي شيلڊ، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *