اداڪارا ايما واٽس پاران فلسطينين جي حمايت تي اسرائيلي آپي کان ٻاهر

لنڊن (شوبز نيوز) برطانوي اداڪارا ايما واٽسن فلسطينين جي حق ۾ آواز بلند ڪيو جنهن تي اسرائيلي اختياريون ۽ عوام ڪاوڙجي پيو.برطانوي اداڪارا هڪ ڏينهن اڳ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جيڪا گذريل سال مئي ۾ فلسطينين طرفان ڪيل مظاهرن جي آهي.ايما واٽسن ان تصوير سان گڏ برطانيا ڄاول آسٽريلوي ايڪٽيوسٽ سارا احمد جو هڪ قول به شيئر ڪيو.قول ۾ سارا احمد جو چوڻ هو ته يڪجهتي جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي جدوجهد ۽ اسان جو سور برابر يا وري اسان جون اميدون هڪ جهڙي مستقبل سان واسطو رکنديون هجن پر يڪجهتي جو معاملو عزم، ڪم ۽ سڃاڻپ سان آهي، اسان ڀلي هڪ جهڙيون زندگيون نه گذاريندا هجون، اسان جا جسم ۽ احساس ڌار هجن پر اسان هڪ زمين تي رهندا آهيون، انهيءَ جو مطلب يڪجهتي آهي.برطانوي اداڪارا جي ان پوسٽ کي فلسطيني حامي واهپيدارن گھڻو ساراهيو ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا جڏهن ته اسرائيلي حمايت يافتا واهپيدارن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.ٻي پاسي گڏيل قومن ۾ مقرر اسرائيل جي مستقل نمائيندي گيلا ايردن ايما واٽسن جي پوسٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ”اهو افسانو هيري پوٽر فلم لاءِ ته ٿي سگھي ٿو پر ان جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه آهي جيڪڏهن ائين هجي ها ته جادو جو اثر حماس تي به ٿي وڃي ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *