پھريون ڀيرو ڪمزور طبي جي ذمھ داري رياست کنئين آھي: عمران خان

لاهور: (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت ٻڌائيندو ته ميٽرو ٽرين ملڪ کي وڌيڪ فائدو پهچائيندي يا صحت ڪارڊ. گورنر هائوس لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته فلاحي رياست ۾ هر ماڻهو جي بنيادي ضرورت پوري ٿيندي آهي ان جي هڪ ڪڙي صحت ڪارڊ بهترين قدم آهي. پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملندو جنهن جي ذريعي هر شهري 10 لک روپين تائين علاج ڪرائي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان فلاحي رياست جي بنياد بنائڻ لاءِ مصروف آهيون. بدقسمتي سان فلاحي رياست جو ماڊل مسلم دنيا ۾ نظر نه ايندو. يورپي ملڪن ۾ فلاحي رياست نظر ايندي. مسلم دنيا ان کان محروم آهي. پرڏيهي پاڪستانين کان پڇو ته فلاحي رياست ڇا هوندي آهي. تقريرن ۾ اسان اسلام جا وڏا نعرا لڳايا پر عملي طور تي ڪجهه نه ڪيو. رسول اڪرم صه جنهن فلاحي رياست جي بنياد رکي اها بهترين ماڊل آهي. اسان جي نبي صه رحمت المسلمين نه پر رحمت اللعالمين هئا. ايشين ٽائيگر مديني جي فلاحي رياست جي سامهون ڪجهه به ناهي. قوم رسول اڪرم صه جي ٻڌايل اصولن تي عمل ڪري.عمران خان چيو ته وقت ٻڌائيندو ته ميٽرو ٽرين ملڪ کي وڌيڪ فائدو پهچائيندي يا صحت ڪارڊ، صحت ڪارڊ سان اسپتالن جو نيٽ ورڪ پکڙجندو. وقت ٻڌائيندو ته صحت ڪارڊ اسان کي ڪٿي وٺي ويندو. هن چيو ته ماضي جا حڪمران چوندا هئا پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بنائينداسين ڇا ايشين ٽائيگر مديني جي رياست جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان فلاحي رياست هوندي.عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ خاموش انقلاب اچي رهيو آهي. گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. 20 لک خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويا آهن. ملڪ ۾ نجي شعبو هاڻ پاڻ اسپتال ٺاهيندو جنهن سان پوري پاڪستان ۾ اسپتالن جو ڄار پکڙجي ويندو.ان کان پوءِ وزيراعظم سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي جنهن دوران صوبي جي معاملن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ۽ مڪاني چونڊن جي تياري ۽ هلندڙ ترقياتي منصوبن کان آگاهي ڏني وئي. هن تعليم، صحت ۽ امن امان لاءِ پنجاب حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنجاب حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ عوامي قدمن وارن ڪمن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *