رضا رباني ۽ عبدالغفور حيدري چيئرمين ڊپٽي چيئرمين سنيٽ جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي رضا رباني سينيٽ جي چيئرمين ۽ جميعت علماءِ اسلام ف جي مولانا عبدالغفور حيدري ڊپٽي چيئرمين جي عهدي جو حلف کڻي ورتو جڏهن ته صدر مملڪت جي ملڪ ۾ غير موجودگي سبب رضا رباني وقتي صدر به بڻجي ويو آهي، پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ رضا رباني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري جي مقابلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار شبلي فراز هو، ڊپٽي چيئرمين لاءِ ايوان ۾ 96 ووٽ وڌا ويا جنهن ۾ عبدالغفور حيدري 74 ۽ شبلي فراز 16 ووٽ حاصل ڪئي جڏهن ته 6 ووٽ رد ڪيا ويا، رضا رباني ۽ عبدالغفور کان انهن عهدن جو حلف پرزائيڊنگ آفيسر طور سينيٽر اسحاق ڊار ورتو جڏهن ته حلف کڻن کان اڳ اجلاس سان خيالن جي اظهار ۾ رضا رباني پنهنجي بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي سياسي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سياسيقيادت جي اعتماد کي ڌڪ نه رسائيندس ۽ انهن جي اعتماد تي پورو رلهندس هن جو چوڻ هو ته مان شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري هيستائين پهتو آهيان سمورين پارٽين جي ميمبرن کي هڪ ئي نظر سان ڏسندس ۽ ڪوشش هوندي ته پارليامان کي مضبوط ڪندي ان جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪيان، ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن جي مقابلي  ۾ ڪنهن به اميدوار پنهنجا ڪاغذ جمع نه ڪرايا ۽ مقرر وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ رضا رباني سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويو جڏهن ته سينيٽ جي ڊپٽي چرئيمن لاءِ جي يو آءِ (ف) طرفان مولانا عبدالغفور حيدري ۽ حافظ حمد الله ڪورنگ اميدوار طور نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، تحريڪ انصاف طرفان شبلي فراز ۽ بي اين پي (مينگل) طرفان جهانزيب جمالديني به ڊپٽي چيئرمين شپ جي لاءِ پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته جهانزيب جمالديني جي يو آءِ (ف) جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *