لاڙڪاڻي لڳ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 ڄڻا قتل

لاڙڪاڻُو(بيورو) لاڙڪاڻي ويجهو سرڪاري پلاٽ جـِي مالڪي واري تڪرار تان ٻوڪ ۽ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي ۽ 7 ڄڻا زخمي آهن، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي باوجود سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ڳوٺ پـَکـَي ۾ مغيري ۽ ٻـُوڪ برادرين جِي ٻن ڌرين ۾ ٿاڻي جي ڀرپاسي خالي پيل آبپاشي کاتي جـَي پلاٽ جـِي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب لياقت مغيري، مرتضيٰ، مير مرتضيٰ، شهزور، مير، عاشق مغيري ۽ هڪ واٽهڙو عطا محمد پنهور ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. اطلاع باوجود پوليس روايتي انداز ۾ هڪ ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي وڳڻ، قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. آءِ بي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مختيار ٻـُوڪ ۽ آصف ٻـُوڪ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۽ واٽهڙو محمد بخش چني قمبر جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو. مختيار ٻـُوڪ جي فوت ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ خيرپور جوسو ۾ ٻوڪ برادري جي منظور نالي شخص کي ويگن مان لاهي گوليون هنيون ويون، جنهن بعد هن خوني تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو. هوڏانهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل محمد نواز ٻـُوڪ، ظهور مغيري، عبدالرزاق مغيري ۽ واٽهڙو زاهد ڳورڙ سميت 7 زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. ٻئي پاسي پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي باوجود علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *