سرڪار لاءِ مڪاني چونڊن واري ڪڙي گوري ؛منصور

جيترو نٽائڻ مُمڪن هو، حڪومت مڪاني چونڊن کان نٽايو، پر هاڻ پاڻي سر تي چڙهي آيو آهي ۽ هر حال ۾ سُپريم ڪورٽ جو چونڊن وارو حڪم مڃڻو پوندو. جيڪو شيڊيول ڏنو ويو آهي، انهيءَ ۾ جيڪڏهن ٻه هزار يارهن وارا مينهن پون ٿا ته پوءِ ’ڪانئر ڇُٽا ڪم کان‘ وارو بهانو ملي ويندو، پر جيڪڏهن آگسٽ جي آخر تائين مُون سُون پنهنجو وارو وڄائي بس ڪيو ته پوءِ چونڊن جو چهچٽو ضرور ڏسڻ لاءِ ملندو. هاڻ اِهو (ن) ليگ ۽ سنڌ سرڪار لاءِ امتحان آهي ته اُهي اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول تي ڪيئن ٿيون عمل ڪن.

انهيءَ حوالي سان جيڪي رپورٽون شايع ٿيون آهن، اُنهن پٽاندر سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ بابت درخواستون رد ڪندي سنڌ ۽ پنجاب ۾ 20 سيپٽمبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اڱاري ڏينهن جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ، پنجاب، اسلام آباد ۽ ڇانوڻين جي علائقن ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول پيش ڪيو، شيڊيول موجب ڇانوڻين جي علائقن ۾ 25 اپريل، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 25 جولاءِ جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 20 سيپٽمبر تي مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون.

سپريم ڪورٽ پنجاب پاران مڪاني چونڊن جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ واريون درخواستون رد ڪندي حڪم ڏنو ته مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ آئيني گهرج آهي ۽ عوام ۽ آئين سان مذاق نه ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي ۽ اهي اختيار کيس پاڪستان جو آئين ڏي ٿو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڇانوڻين جي علائقن ۾ 17 سالن، صوبن ۾ 9 سالن ۽ اسلام آباد ۾ 5 سالن کان مڪاني چونڊون ڇو ناهن ٿيون؟

ٻُڌڻي دوران پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل نويد رسول مرزا چونڊن جي لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڏيندي چيو ته گذريل سالن ۾ آگسٽ کان سيپٽمبر دوران پنجاب ۾ ٻوڏ آئي هئي، جنهن جي لاءِ چونڊون نه ٿي سگهيون .جنهن تي جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته توهان جو مطلب آهي ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٻوڏ اچي ٿي، ان لاءِ مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن؟ سندس چوڻ هو هاڻي ڪا به ٽال مٽول نه هلندي، چونڊون آئيني گهرج آهن اهي فوري طور تي ڪرايون وڃن نه ته سڀئي نتيجا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار ٿين.

موجوده حڪمرانن لاءِ اها انتهائي ڪڙي گوري آهي، جنهن کي ڳهڻ کان نٽائيندي هيستائين حڪمران ڪامياب ته ويا، پر هاڻ راهون سوڙهيون ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن.

مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڏسجي ته اهو هڪ انتهائي ڪارائتو نظام آهي، جنهن وسيلي علائقن جا ماڻهو پنهنجي علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ انهيءَ نظام جو سدائين ڊڪٽيٽرن پئي فائدو کنيو آهي. هر ڊڪٽيٽر مڪاني چونڊن کي نئين نالي سان متعارف ڪرائي پنهنجي اقتدار کي طول پئي ڏنو آهي، اِهوئي سبب آهي جو سياسي قوتون اهڙي نظام کان نٽائينديون رهيون آهن. انهن لاءِ جتي انهيءَ نظام سان ماضيءَ جي ڊڪٽيٽرشپ جا ڦٽ اُکلجن ٿا، اُتي ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز کي پنهنجي اختيارن ۾ گهٽتائيءَ جو احساس پڻ ٿيڻ لڳي ٿو. اِهو احساس ان ڪري به شدت اختيار ڪري ٿو، جو اسان وٽ سياست فلاح ۽ بهبود لاءِ نه پر پنهنجي شان شوڪت توڙي دولت ۾ اضافي لاءِ ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن سياست ۾ حصو وٺندڙن جو مقصد پنهنجي علائقن، شهر ۽ مُلڪ جي ترقي هجي ها، ۽ اُهي پنهنجي ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ جو سوچي اچن ها ته شايد انهن کي پنهنجي اختيارن جي شراڪت ۾ ڳڻتي نه پر خوشي ٿئي ها ته جنهن ڪم لاءِ هُو اڪيلا ميدان تي بيٺا هُئا، انهيءَ کي بجا آڻڻ لاءِ هاڻ ٻيا به سندس مددگار بڻيا آهن. پر جيئن ته هُو ڪروڙين رپين جي سيڙپ ڪري ايوانن تائين پهتا ئي ان لاءِ هئا ته اُهي مول سان گڏ نفعو به ڪمائين، پر اختيارن ۾ گهٽتائيءَ سبب اُهي دل گهريو نفعو ڪمائي نه سگهندا. جنهن ڪري ئي مڪاني نظام کان سدائين نٽائيندا رهيا آهن. ٻيو ته ويجهي ماضيءَ ۾ مشرف دؤر ۾ چونڊيل ناظمن ۽ ايم پي ايز وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ رهندي هئي، تنهن کان پڻ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت پرهيز ڪرڻ گهريو ٿي. پر جيڪڏهن شهرن جي حالت ڏٺي وڃي ۽ چوطرف گند ڪچرو ۽ اُٿليل گٽر ڏسبا ته اِهو مڃڻو ئي پوندو ته مڪاني چونڊون ضروري آهن.

۽ جيڪڏهن چونڊن واري عمل کي ممڪن بڻايو ويو ته پوءِ پاڻ پنجاب لاءِ ته ڪجهه نٿا چئي سگهون، پر سنڌ ۾ وڏو دنگل مچڻو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار هيلي وسيلي هر ممڪن اِها ئي ڪوشش ڪندي ته سندس ئي ماڻهو اڳتي اچن،

******(جاري)******

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *