رتوديرو ۾ موضي مرض “ايڇ آئي وي”بي قابو، وڌيڪ 11 ماڻهن جون رپورٽون پازيٽيو ، انگ 166 ٿي ويو

رتوديرو(رپورٽ) رتوديرو ۾ موضي مرض بي قابو، وڌيڪ 11 ماڻهن جون رپورٽون پازيٽيو آيون، انگ 166 ٿي ويو، تعلقه اسپتال ۾ نائين ڏينهن به ايڇ آء وي ٽيسٽ ڪئمپ جاري، ايڇ آء وي بلڊ اسڪريننگ دوران 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جون ٽيسٽون ٿيون 9 ماڻهن جي رپورٽ پازيٽو آئي، ايڇ آء وي پازيٽيو ايندڙ ٻارڙن ۾ تونگر، زبیر احمد، بختاور، رضوان شامل، مثاثر ٻارن جي والدين کي لاڙڪاڻي وڃڻ لاء پرچي ڏني وئي،رپورٽ موجب رتوديرو تعلقي ۾ (H.i.V) جي متاثرن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو تعلقه اسپتال ۾ ايڇ آء وي بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ نائين ڏينهن به جاري جتي پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيون ويون جهن ۾ 9 ماڻهن جا رپورٽ پازيٽيو آيا، پازيٽيو ايندڙن ۾ تونگر، زبیر احمد، بختاور، رضوان ۽ ٻيا شامل آھن، بلڊ اسڪريننگ ٽيم پاران (H.i.V) پازيٽيو ايندڙ متاثر مريضن جي والدين کي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاء پرچي لکي ڏني وئي، جڏهن ته بلڊ اسڪريننگ ٽيم جي ماڻهن جي تعداد گهٽ هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهون خالي واپس وڃڻ لڳا، شهر ۽ پرپاسي کان ايندڙ ماڻهڻ صحافين اڳيان داهيندي چيو ته ٻارن،  جا ٽيسٽ ڪندڙ عملو گهٽ هئڻ ڪري اسان سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آھيون ڪهر جي گرمي ۾ معصوم ٻار وٺي نمبر جي انتظار ۾ ويٺا آھيون پر شام ٿيڻ وقت چيو ويو ته هاڻ ٽيسٽ ڪٽ ختم ٿي ويا آھن سڀاڻي اچو، عملو وڌايو وڃي جئين ماڻهون ڏکيائين کان بچي سگهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *