خيرپور ۾ هينانءُ ڏاريندر واقعو، پرائمري استاد جي گهر واري، سس ۽ 9 ورهين جو معصوم پٽ قتل

خيرپور (ڊ.ر) خيرپور ۾ هينانءُ ڏاريندر واقعو پيش آيو آهي. شاهه لطيف جي ٿاڻي حد ۾ مراد شاهه پاڙي ۾ پرائمري استاد سجاد لاڙڪ جي غيرموجودگيءَ ۾ جوابدار سندس گهر ۾ داخل ٿيا، جنهن بعد جوابدارن ڇريون هڻي پرائمري استاد جي گهر واري 35 ورهين جي شهناز زال سجاد لاڙڪ، سندس 9 ورهين جو پُٽ عبدالباسط ولد سجاد لاڙڪ ۽ پرائمري استاد جي سَسُ 63 ورهين جي ثريا زال خادم ڪٽوهر کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا، ٽئي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي. پوليس واقعي جي معلومات وٺڻ بعد واپس رواني ٿي وئي، جڏهن ته پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *