وزيراعظم وضاحت ڪري ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت تي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم وضاحت ڪري ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت تي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان پارليامينٽ ۾ هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب بيشڪ نه ڏئي پر هو پارليامينٽ ۾ وضاحت ڪري ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت تي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي، وزيراعظم هڪ منٽ اچي رمضان کان اڳ آءِ ايم ايف جي حڪم تي پيٽرول بم ڪرائڻ جي به وضاحت ڪري. سندس چوڻ هو عمران صاحب! ٻڌايو ته توهان آءِ ايم ايف ملازم کي راتورات اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڇو بڻايو ۽ پاڪستان ۾ ڪهڙين شرطن تي آءِ ايم ايف جي آفيس کولي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *