ساهيوال جي سرڪاري اسپتال جي چلڊرين وارڊ ۾ اي سي خراب ٿيڻ سبب 5 ٻارڙا فوت

ساهيوال ( ويب ڊيسڪ ) ساهيوال جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي چلڊرين وارد ۾ ايئر ڪنڊيشن خراب ٿيڻ سبب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ساهيوال ميان زمان وٽو موجب شديد گرمي اي سي خراب ٿيڻ سبب ڊي ايڇ ڪيو جي چلڊرن وارڊ ۾ گرمي پد وڌي ويو جنهن سبب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا. ڊي سي موجب ٻارڙن جي موتن تي شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ۽ فوري طور ايم ايس جي آفيس مان اي سي لاهي ٻارڙن جي وارڊ ۾ لڳرائي وئي آهي. هن چيو ته واقعي جي تفصيلن بابت صوبائي حڪومت کي خط ذريعي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. صحت کاتي جي ترجمان موجب ٻارڙن جي موتن بابت جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن کي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صحت واري سيڪريٽري ۽ ڪمشنر ساهيوال ڊويزن کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *