اسڪاٽلينڊ ۾ ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو ته ڪشمير ۾ ڇو نه: فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو) جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير ۾ شورش ان لاءِ آهي ته ڪشميري هندوستان جي قبضي ۽ ظلم کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسڪاٽلينڊ ۾ ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو ته ڪشمير ۾ ڇو نه اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل نه ڪندڙ ملڪ مستقل ميمبرشپ جو خواب ڏسي رهيو آهي ڪشمير معاملي ۾ عالمي برادري مداخلت ڪري ڪشمير مسئلي جو حل حق راءِ ۾ آهي جڏهن اس ڪاٽلينڊ ۾ ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪشمير ۾ ڇو نه ٿو ٿي سگهي مولانا فضل الرمان جو چوڻ هو ته ڪشمير پاڪستان لاءِ ضروري آهي ۽ ان تي پاڪستان جو موقف اصولن تي ٻڌل آهي عالمي برادري ڪشمير مسئلي تي ڇو گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *