رانديگرن لاءِ نئين ڊزائين جا هيلمٽ پائڻ ضروري آهي: آسٽريلوي ڪرڪيٽ عملدار

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڪرڪيٽ عملدارن چيو آهي ته رانديگرن کي فاسٽ ۽ ميڊيم بالنگ دوران نئين ڊزائين جا هيلمٽ پائڻ لازمي هوندو اهو فيصلو رانديگر فلپ هيويز جي موت کان پوءِ ڪرڪيٽ جي حفاظتي قدمن جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي نون قانونن مطابق آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ ڊوميسٽم مئچن ۾ رانديگرن کي برطانوي معيار جا هيلمٽ پائڻا پوندا. رانديگرن کي اهي هيلمٽ تربيت دوران به پائڻا پوندا وڪيٽ ڀرسان وڪيٽ ڪيپرن کي رانديگر جي 7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي بيهندڙ فيلڊرن کي به هيلمٽ لازمي طور تي پائڻا پوندا 25 ساله آسٽريلوي بيٽس مين فلپ هيويز کي ڳچي ۾ بائونسر لڳڻ کان پوءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو ٻن ڏينهن کان پوءِ فوت ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *