سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن احمد شهزاد کي تربيتي ڪئمپ جو حصو بنائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن اوپننگ رانديگر احمد شهزاد کي انگلينڊ جي دوري لاءِ تربيتي ڪئمپ ۾ حصو بنائڻ جي مخالفت ڪئي آهي ذريعن موجب اوپننگ رانديگر احمد شهزاد پي سي بي کي خط ذريعي مستقبل ۾ ڊسيپلين جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر سليڪٽرز جو موقف آهي ته ڊراپ ڪيل ٽيسٽ ڪرڪيٽر کي ٻيهر ڪئمپ ۾ گهرائڻ سان غلط مثال قائم ٿيندو. احمد شهزاد تي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ٻاهر ڪڍيو ويو ان لاءِ ان کي ڪئمپ جو حصو نٿو بڻائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *