احتساب هاڻ نه ٿيو ته ڪڏهن ٿيندو؟؛ وصعت الله خان

اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪنهن به ترقي پذير ملڪ وانگر پاڪستان کي به لاقانونيت، دهشتگردي، اقتصادي زبون حالي، علائقائي عدم تحفظ، پسماندگي، غربت ۽ جڳهين جي وڌندڙ خليج، تعليم، عدم مساوات، بيماري، هر سطح تي تشدد، ناقص انصاف، طبقاتي لاهن چاڙهن، صحت ۽ تعليم جي غير معياري رسائي سميت هر طرح جا سنگين مسئلا درپيش آهن، پر اُميد جي هڪ روشني هاڻ به باقي آهي.

هر ڊاڪٽر، نرس، انجنيئر، آرڪيٽيڪٽ، ڪالم نگار، ايڊيٽر، مذهبي اسڪالر، امام مسجد، دانشور، صحافي، اينڪر، ٽيچر، مورخ، محقق، شاعر،  اديب، سائنسدان، اداڪار، ريڙهي وارو، مزدور، هاري، زميندار، وڏيرو، خان، سردار، چوڪيدار، پوليس وارو، رينجرز ۽ ايف جو سنتري. ننڍي کان اعليٰ تمام معزز جج، سفارتڪار، ڪلرڪس، بيوروڪريٽ، بينڪر، عورت، مرد، شاگرد ۽ شاگردياڻيون، حجم، بهشتي، قصائي، مهاڻو، اسٽيٽ ايجنٽ، لينڊ ڊويلپر، جلاوطن، وطن ڇڏيندڙ، دنيا ڇڏيندڙ، ڪنگلو، ارب پتي، ميمبر پارليامينٽ، ڪونسلر، ووٽر، پير، مريد.

ان کان وڌيڪ ضرورت هڪ به پلاٽ، هڪ بيگ به فالتو زرعي ايراضي ۽ منافعو بخش پوسٽنگز تي ٻه  حرف اماڻڻ واري، پيشه واراڻي ذميدارين تي پورو ڌيان، آئين ۽ قانون ۽ سويلين بالادستي تي يقين رکندڙ ڪيترائي حاضر ۽ رٽائرڊ جرنيل.

وڌيڪ سرڪاري انتظامي اداري بشمول پلي بارگين تي يقين رکندڙ نيب، حساس ادارا، جهادي تنظيمن، هٿياربند مليشائون بشمول تحريڪ طالبان پاڪستان، فلاحي اين جي اوز بشمول ستار ايڌي، ديني مدرسا بشمول لال مسجد واري مولانا عبدالعزيز، سماجي ۽ ادبي تنظيمون.

وڌيڪ سمورن سياسي پارٽين بشمول الحاج آصف زرداري جي پيپلزپارٽي، ٽوپين ۽ گهر جو خرچو کڻندڙ مولانا فضل الرحمان جي جميعت علماءِ اسلام، ڀتاخوري جي دشمن متحده قومي موومينٽ، عدليه جي حرمت تي انڌو يقين رکندڙ پرويز مشرف جي آل پاڪستان مسلم ليگ، ڪوآپريٽو سوسائٽين جي هٿان اربين روپيا لٽيندڙ ۽ عام ماڻهن کي پائي پائي واپس ڪندڙ چوڌري برادران جي مسلم ليگ (ق)، سيلف ميڊ اسفند يار ولي خان جي عوامي نيشنل پارٽي، ارب پتي ڪاروبارين جي چنبي مان آزاد عمران خان جي تحريڪ انصاف،  والد مرحوم جي پينشن تي گذارو ڪندڙ اعجاز الحق جي مسلم ليگ، پنهنجو هڪ هڪ پئسو پاڪستان ۾ ڪمائڻ ۽ هتي رکڻ جي قائل شريف برادران جي مسلم ليگ نواز.

هر رسا گير، نوسر باز، ڪار لفٽر، چور، ڌاڙيل بشمول غلام رسول ڇوٽو، پاٿاريدار، دهشتگرد، سهولتڪار، قاتل، اسمگلر، مخبر، ڀتاخور، چائنا ڪٽر، ٽارگيٽ ڪلر، اشتهاري، نشائي، منشيات فروش، جعلي عامل، سفارشي استاد، ملاوٽ خور، حرام خور، دلال، جسم فروش، لينڊ مافيا جا سرڪاري ۽ ذاتي اهلڪار ۽ هيومن ٽريفڪر سميت ڪنهن کان به پڇي وٺو ته ڇا پاڪستان ۾ بلاامتياز احتساب ٿيڻ گهرجي؟ سمورا چوندا ته بنا دير سڀني جو ۽ فوري ٿيڻ گهرجي.

جيڪڏهن سمورا اهڙي طرح بنا فرق جي احتساب ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ ثابت قدم رهيا ته هڪ نه هڪ ڏينهن ڪرپشن فري صحتمند پاڪستان جو چوڌاري ضرور پراڏو ٿيندو.

دير ضرور آهي، انڌير ناهي.

ان بابت خوشخبري اها آهي ته سائنسدانن جي بقول سج گهٽ ۾ گهٽ اڳين ڏيڍ ارب سال اهڙي آب و تاب سان چمڪندو رهندو. ان لاءِ پريشان ٿيڻ نه گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *