نواز شريف ڪيس وڌيڪ نه وڌائي، پاناما ڪيس جيترو کلندو حڪومت ڦاسندي ويندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) آپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نظام ضروري آهي پهريان جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي به محفظ بڻايووڃي. پاناماڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ کان ٻاهر ايندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙين حالتن ۾ هڪ ئي رستو آهي ته وزيراعظم استعيفا ڏئي. آپوزيشن ليڊر چيو ته دنيا جي وڏين عدالتن مان انصاف جي اميد هوندي آهي. جڏهن ته سڀ کان وڏي عدالت الله جي آهي ۽ انسانن جي لاءَ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آهي. هن چيو ته آپوزيشن سپريمڪورٽ ۾ موجود آهي ان لاءِ آپوزيشن جي ٻڌي لاءِ آيو آهيان، هن چيو ته انشاءَ الله بهتر ٿيندو اسانکي ادارن تي يقين ڪرڻ گھرجي، سپريم ڪورٽ ۾ انصاف ٿيندو. ادارن تي شڪ نه ڪرڻ گھرجي، هن چيو ته عدالتن سان اسان جي شڪوه ضرور رهي آهي پر ماڻهون انهي عدالتن ۾ ايندا آهن ته جيئن انصاف ملي. ميڊيا سان ڳالهائن جي دوران هن چيوته 2014 ۾ جمهوريت کي خطرو هيو ته پارليامينٽ سان گڏ هياسين ۽ جيڪي ماڻهون سمجھن ٿا ته نوازشريف سان گڏ هياسين پر اسان جمهوريت کي بچايو ۽نوازشريف سان گڏ نه هياسين اڄ نوازشريف جمهوريت لاءَ خطرو بڻجي چڪو آهي. اسان جمهوريت جيل وياسين ڪوڙا کاڌاسين، ڦاهيون آيون، پ پ پ جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *