رابي پاران مذهبي تعليمات موجب زندگي گذارڻ جي شروعات

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي ڳائڻي رابي پيرزادا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو اردو ترجمي سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي نظر اچي رهي آهي. شوبز جي دنيا ڇڏي دين جي واٽ وٺندڙ اڳوڻي ڳائڻي رابي پيرزادا اڄ ڪلهه دين جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهي. گذريل ڏنهن هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي استاد جي رهنمائي ۾ قرآن پاڪ کي اردو ترجمي سان پڙهي رهي آهي. رابي پيرزادا سان ويٺل سندس استاد ڪيترين ئي جاين تي قرآن پڙهندي سندس رهنمائي به ڪئي. وڊيو سان گڏوگڏ رابي پيرزادا نئين سال جو وچن وٺندي لکيو ته مان لائيو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهي آهيان پر هن نئين سال ۾ مونکي دين سکڻ ۽ پکيرڻ آهي ۽ اهو به ترجمي سان. رابي پيرزادا سڀني ماڻهن کي نصيحت ڪندي لکيو ته ڪجهه وقت الله کي ڏئي اوهان به ڏسو، ڪهڙي خبر اوهان جي زندگي به تبديل ٿي وڃي. واضح رهي ته رابي پرزادا ۾ تبديلي گذريل سال ان وقت آئي هئي جڏهن سندس موبائيل فون مان سندس ڪجهه نجي وڊيوز ۽ تصويرون ليڪ ٿيون هيون جنهن کانپوءِ هن ديني تعليمات موجب زندگي گذارڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته هو هاڻي سموري زندگي دين جي تعليمات موجب گذاريندي ۽ دين جو پيغام پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *