ڀارتي رانديگر عرفان پٺاڻ ڪيريئر جي تباهي جو ذميوار گريگ چيپل کي قرار ڏئي ڇڏيو

 

ممبئي(اسپورٽس نيوز)  ڀارت جي اڳوڻي آل رائونڊر عرفان پٺاڻ گريگ چيپل کي پنهنجي ڪيريئر جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عرفان گذريل ڏينهن 35 سالن جي عمر ۾ راند جي سمورن فارميٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هاڻ هن ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي ڀارتي ڪوچ گريگ چيپل جي 2005 کان 2007 واري دور ۾ مان بال جي سوئنگ ڪرڻ جي صلاحيت کي وڃائي ويٺو هئس.مون کي چيو ويو ته تنهنجو ڪم صرف رنسون روڪڻ آهي. سريلنڪا سان هڪ ميچ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري جنهن کان پوءِ ٻئي ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو. ڀارت ۾ ماڻهو 27، 28 سالن ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪندا آهن ۽ مون ان ئي عمر ۾ پنهنجو آخري ميچ کيڏيو.واضح رهي ته ڀارتي فاسٽ بالر گذريل ڏينهن ٽنهي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هو پنهنجي منفرد انداز جي ڪري ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *