اداڪاره عائشه عمر به حراسمينٽ ٿيڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو

 

لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪاره ۽ ميزبان عائشه عمر به حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. عائشه عمر هڪ انٽرويو جي دوران(مي ٽو) تي ڳالهيون  ڪيون پئي ويون ته ان دوران اداڪاره  به پنهنجي زندگي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.عائشه عمر(مي ٽو) مهم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هي هڪ  ضروري مهم آهي جيڪا جنسي زيادتي جو شڪار ٿيندڙ بيشمار ماڻهن کي ان باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بنائي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته انڊسٽري ۾ اهڙا ڪيترائي مرد ۽  عورتون آهن  جنهن کي جنسي زيادتي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اداڪاره ان حوالي سان  ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته  مون کي به پنهنجي زندگي دوران حراسان ڪيو ويو ۽ مون کي خبر ناهي ته انسان اهڙي وقت ۾ ڇا محسوس ڪندو آهي پر هو اڃان ايترو بهادر ناهي جو ان حوالي سان کلي طريقي سان ڳالهائي سگهي.عائشه عمر چيو ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڏينهن مان ان حوالي سان کلي ڳالهايان ۽ مان انهن سمورن ماڻهن سان اتفاق ڪريان ٿي  جيڪي ان صورتحال مان گذريا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور فلمساز جامي به جنسي زيادتي جي حوالي سان وڏو انڪشاف ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *