ذوالفقار مرزا سرعام دهشتگردي پيو ڪري، عدالتون نوٽيس وٺن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا سرعام دهشتگردي ڪري رهيو آهي، نالي ماتر شينهن پاران حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪرڻ واري عمل کي نه قبوليو ويندو،سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير جي غنڊه گردي جو نوٽيس وٺن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا بدين ۾ زبردستي دڪان بند ڪرايا ۽ ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي،سندس قدم دهشتگردي برابر آهن. هن چيو ته غنڊه گردي باوجود ذوالفقار مرزا کي رليف ڇو حاصل آهي؟ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گذارش آهي ته سندس ضمانتون رد ڪيون وڃن. شرجيل ميمڻ چيو ته نالي ماتر شينهن قانون جا بکيا اڊيڙي رهيو آهي، وٽس ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڪري. هن چيو ته پيمرا کي خط لکڻ باوجود هڪ شخص ميڊيا تي پ پ قيادت خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي،پر ڪوبه نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا جا پرڪار سڀني جي سامهون آهن، حڪومتي رٽ چيلينج ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به ريت نه قبوليو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *