ايگزيڪٽ واري معاملي تي چينلن کي ايتري واويلا نه ڪرڻ کپي، جاچ هلي پئي مهينو لڳي ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايگزيڪٽ وارو معاملو تمام حساس آهي، انڪري ان کي ڪجهه وقت گهرجي، عوام کي ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ ڏيو، ان کان پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ويندو،هڪ ڏينهن ۾ توهان ڪنهن کي به ڏوهي يا بي ڏوهي نٿا چئي سگهو.مان مڃان ٿو ته اهو منهنجو ئي فيصلو هو ته ايگزيڪٽ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر مون کي اندازو نه هو ته ان ۾ ميڊيا ايتري دلچسپي وٺندي. ايگزيڪٽ جي حوالي سان ڪا به گرفتاري اڃان نه ٿي آهي، ها پڇا ڳاڇا جاري آهي. هن اسڪينڊل سان پاڪستان جو نالو تمام خراب ٿي رهيو آهي اڃان لڳ ڀڳ مهينو لڳندو پوري جاچ ۾. هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته جاچ جلد پوري ٿئي، ۽ عوام کي جلد ئي حقيقت جي ڄاڻ ڏني ويندي. چوڌري نثار ميڊيا کي اپيل ڪئي ته ان معاملي کي رڳو ميڊيا جو مسئلو نه سمجهيو وڃي پوري پاڪستان جي عزت جو مسئلو آهي. ۽ هن چينلن کي اپيل ڪئي ته بنا ڪنهن ثبوت جي ايتري واويلا ٺيڪ ناهي، هن چيو ته اسان ان مسئلي جي جڙ تائين وينداسين. ايگزيڪٽ جاچ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ميڊيا تي اهو هلي رهيو آهي ته ميبر مٽايا ويا آهن يا گهٽا، وڌايا ويا آهن ائين بلڪل ناهي اها ئي 7 رڪني ڪميٽي آهي.  ايگزيڪٽ جي 10 ڊائريڪٽرس کي نوٽيس موڪليو ويو آهي.صفورا واقعي جي حوالي سان هن چيو ته واقعي ۾ ملوث مک ماڻهو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *