سنڌ اسيمبلي 3 بل منظور ڪري ورتا، ميمبرن جي تجويزن کي نئين بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو ٺهراءُ به منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ صوبائي ٽربيونل ۾ ٽئين ترميم، ڪراچي ۾ باريٽ هوگسن انٽرنيشنل يونيورسٽي قائم ڪرڻ سميت 3 بل منظور ڪري ورتا،پري بجيٽ بحث دوران ميمبرن جي تجويزن کي نئين بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ وارو ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، سنڌ سرورسز ٽربيونل ٽئين ترميم وارو بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. بِل ۾ سروسز ٽربيونل جي چيئرمين کي بااختيار بڻائڻ جي ترميم شامل آهي جڏهن ته چيئرمين کي ضرورت تحت بجيٽ موجب ملازم ڀرتي ڪرڻ جو به اختيار هوندو. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، ڪراچي ۾ باريٽ هوگسن انٽرنيشنل يونيورسٽي قائم ڪرڻ وارو بل پڻ پيش ڪيو. بل جي متن موجب يونيورسٽي جو قيام سليم حبيب يونيورسٽي تحت عمل ۾ ايندو جڏهن ته يونيورسٽي ۾ نوجوانن کي مفت اعليٰ تعليم جي سهولت حاصل هوندي. ايوان ڪجهه دير بحث بعد اهو بل به پاس ڪري ورتو. جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي بل پڻ پيش ڪيو ويو، جيڪو ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. بل جي متن ۾ چيو ويو ته جناح يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ اسپتال قائم ڪئي ويندي، هائير ايجوڪيشن جي شرط آهي ته ميڊيڪل يونيورسٽي سان گڏ ٽيچنگ اسپتال جو قائم ضروري آهي. اجلاس دوران لياقت جتوئي چيو ته تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، پر معياري تعليم تي به ڌياڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته خانگي يونيورسٽيز قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ معيار چيڪ ڪيو وڃي، خانگي ادارن مان جعلي ڊگرين جا به انڪشاف سامهون آيا آهن. ان موقعي تي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته خانگي يونيورسٽيز قائم ڪرڻ جا قانون موجود آهن، جن ۾ ڪوالٽي ايجوڪيشن جا شرط شامل آهن. نثار کهڙي چيو ته خانگي يونيورسٽين تي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته اهي صوبي جي ٻين ٻن ضلعن ۾ ڪئمپس قائم ڪن. ان کان اڳ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندي مينڌري، پري بجيٽ بحث دوران ميمبرن جون تجويزون نئين بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *