ذوالفقار مرزا جي 107 ساٿين سميت پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي

بدين (ڊ ر) اڳواڻو صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 ساٿين جي سيشن ڪورٽ بدين پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته بلاول ڀٽو سندن ليڊر آهي، عوام جون اميدون بلاول ڀٽو ۾ آهن…. سيشن جج بدين غلام رسول سمون ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ سندس ساٿين خلاف داخل ڪيل مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 ساٿين جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي. ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس ماءَ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جيان عوام جي روٽي ڪپڙا، مڪان ۽ روزگار لاءِ ڪوشش ڪندو، عوام جو اميدون بلاول ڀٽو ۾ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *