اتر وزيرستان ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب دوران جيٽ جهازن جي بمباري دوران وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا،جڏهن ته سندن هٿيارن جو ڊيپو تباهه ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي. سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن سان بمباري ڪئي. هوائي ڪارروائي دوران پرڏيهين سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائي۾ دهشتگردن جو هٿيارن جو ڊيپو ۽ بارود جو ذخيرو به تباهه ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي زميني ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *