بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي زڪام ، دل ڌڙڪا دي جي مشهوري تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهي

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پريانڪا چوپرا کي زڪام ٿي پيو آهي ۽ هن دوائون کائڻ شروع ڪيون آهن، 32 ورهين جي پريانڪا ٽوئٽر تي ڇڏيل نياپي ۾ چيو ته سندس آواز اوچتو تبديل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، جنهن ٻڌايو ته مونلي زڪام ٿي پيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر دوائون ڏنيون، جيڪي مان کائي رهي آهيان ۽ طبيعت هاڻ بهتر آهي. پريانڪا هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم دل ڌڙڪا دي جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، هن چيو ته زڪام جي خبر پوڻ تي فلم جي سچي ٽيم سندس مدد ڪئي، جنه تي هوءَ سندن ٿورائتي آهي. پريانڪا چوپڙا پنهنجي چاهيندڙن کي مطمئن رکڻ ۽ پنهنجي صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ لاڳيتو ٽوئٽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته زڪام سبب هوءَ دهلي کان پري آهي ۽ دل ڌڙڪا جي مشهوري تقريب ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهي، پر کيس يقين آهي ته اينٽي بايوٽڪس ذريعي هوءَ ترت ٺيڪ ٿي ويندي. دل ڌڙڪا دي 5 جون تي سينيما گهرن جي سونهن بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *