ڊيوڊ وارنر ڪنڌ ۾ بال لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو

ڊارون(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جو بئٽسمين ڊيوڊ وارنر ڪنڌ ۾ بال لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي. ڊارون ۾ بنگلاديش جي دوري لاءِ لڳايل تربيتي ڪئمپ ۾ پريڪٽس ميچ دوران ڊيوڊ وارنر جوش هيزلي ووڊ جي بائونسر کي هُڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تيز بال ڪنڌ ۾ لڳڻ سبب هو زمين تي ڪري پيو. بالر جوش هيزلي ووڊ ۽ اسڪپر اسٽيون سمٿ فوري طور تي اڳتي وڌيا ۽ ڊيوڊ وارنر کي اٿاريو پر ڪنڌ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب هو گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *