گهر مان نڪرڻ ۽ داخل ٿيڻ تي ٽيڪس ؛مٺل جسڪاڻي

ٽول ٽيڪس ٻين هنڌن تي به آهي، پر اهڙو ويل ڪٿي به، ڪنهن سان به نه آهي، جهڙو ويل حيدرآباد ٻهراڙي واري تعلقي جي رهواسين، ٽنڊوڄام ۽ آس پاس وارن سان آهي! اوهان سان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟ جنهن کي به وڌيڪ معلومات گهربل هجي، اهو ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ سفر ڪندڙ ڪنهن به مقامي شخص سان ڪچهري ڪري، گهڻيون خبرون حاصل ڪري سگهي ٿو.

ٽنڊوڄام جا رهواسي ائين چوندي به ٻڌا اٿم ته هي 50 رپيا پنهنجي گهر مان نڪرڻ ۽ 50 رپيا پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي ٽيڪس وٺي رهيا آهن. جيڪو صبح جو روزگار لاءِ ۽ شام جو گهر جي سيڌي سامان لاءِ، يا گهر جي بيمار ڀاتي جي طبيعت ڏيکارڻ وڃي، ڪنهن شادي جي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ وڃي، ته ٻيو دفعو، ٽيون دفعو به ٽيڪس ادا ڪري. ڇو ته ٽنڊوڄام ۾ آهي ڇا؟ شادين جا ڪاڄ به حيدرآباد ۾، نظر جو چشمو ڀڄي پوي، ته اهو به حيدرآباد ۾ مرمت ڪرائجي يا نئون خريد ڪجي. دائيءَ لاءِ به حيدرآباد ئي ٿو وڃڻو پوي. سٺا اسڪول، ڪاليج به حيدرآباد ۾…

ان حوالي سان تازو هڪ اخبار ۾ ڪنهن ”واٽهڙو“ جو خط به شايع ٿيو آهي، جيڪو اوهان پڙهيو، يا نه، مون پڙهيو، دل ٿي گهري ته ان ”واٽهڙو“ سان سهمت ٿي پوان… هن ”حسين نظارا حسين منظر، صرف پنجاهه رپيا…“ عنوان سان پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ”حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندي، اوهان انتهائي آرام سان، حسين نظارا حسين منظر ڏسندي، پاڻ کي جنت ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا، صرف پنجاهه رپين ۾. ڇو ته حيدرآباد کان ميرپورخاص 60 ڪلوميٽر، بهشت جو سير، هڪ رپيا هڪ ڪلوميٽر تمام گهڻو سستو آهي. ان ڪري ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. ها، اهو اعتراض ڪري، جنهن وٽ سير سفر لاءِ سندي گاڏي نه آهي. جن وٽ پنهنجي گاڏي ڪانهي، انهن کي ڪوسٽر جو ڀاڙو ڏيڻو پوندو، جيڪو وڌ ۾ وڌ 100 رپيه ئي هوندو! ان کان گهڻو نه هوندو! حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار 30 ڪلوميٽر آهي، جنهن وٽ پنهنجي سواري آهي، اهو به 50 رپين ۾ جنت جو سير ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته حيدرآباد کان حيدرآباد جو دنگ ٽنڊوڄام جو فاصلو 15 ڪلوميٽر آهي. اهي پندرنهن ڪلوميٽر ذري گهٽ سنڌ جي باقي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان سهڻا آهن. ان ڪري پنهنجي سواري وارو ان علائقي ۾ هڪ طرف سفر تي 50 رپيا خرچ ڪندو، ته سير ڪري سگهندو. اهي 50 رپيا اوهان کي آرامده سفر مهيا ڪرڻ جي مد ۾ ٽول ٽيڪس طور ادا ڪرڻا پوندا. حيدرآباد کان حيدرآباد جي دنگ ٽنڊوڄام جا ماڻهو چون ٿا 50 رپيا ججها آهن! حيرت آهي! سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي به ٽول ٽيڪس صرف هڪ طرف ۽ وڌ ۾ وڌ 30 رپيا آهي ته ڇا ٿيو، ٻيا علائقا اهڙا خوبصورت ڪٿي آهن، بابلا؟! 50 رپين جي اهميت ڇا آهي؟ ڇا ٿو ملي 50 رپين ۾! مقامي ماڻهن وٽ ايتريون گاڏيون ڪٿي آهن، جو دانهون ٿا ڪن. اڪثر گاڏيون ته سنڌ جي ٻين ضلعن کان اينديون آهن ۽ ٽول پلازا تي مقامي ماڻهو ملازم نه هجڻ ڪري، حيدرآباد کانسواءِ ٻين ضلعن وارا ته هڪ نه ته ڪنهن ٻئي ملازم جا مهمان ٿي مفت ۾ گذري ويندا آهن. ٽنڊوڄام شهر ۾ رهندڙ به گهڻو ڪري ته ڪنهن شهري تنظيم يا وري ڪنهن ٻيءَ پارٽي جو سڏائي به مفت ۾ ٿو سفر ڪري… ان حقيقت جي پيش نظر هي ٽول ٽيڪس 50 رپيا نه 100 رپيا في ڪراس وصول ٿيڻ گهرجي. صرف ٽول ٽيڪس وٺڻ سان وٺندڙ توڙي ڏيندڙ جي روح کي فرحت گهٽ ملندي، ان ڪري صرف ڇڙٻون ۽ دڙڪا نه، ڪجهه جسماني خدمت چاڪري به ضروري آهي، ته جيئن ڪنهن کان زور ڏيارڻ يا مالش ڪرائڻ جي ضرورت نه پوي.واٽهڙو کي قوي اميد آهي ته حقيقتن کي تسليم ڪندي سندس تجويزن تي بنا دير عمل ڪيو ويندو. هونئن به ٻيو ڪو نعم البدل لنگهه ته آهي ئي ڪو نه. گهر جو سيڌو سامان، بيمار جي علاج لاءِ ان ئي رستي سان اچڻ وڃڻ واري مجبوري مان فائدو ضرور وٺڻ گهرجي.“

اهو ته آهي ”واٽهڙو“ جو خط، جنهن ۾ خط لکندڙ پنهنجو نالو به نه لکيو آهي!؟ سندس نالو نه لکڻ جي سبب تي سوچجي، يا معلوم ڪجي، ته منهنجي خيال ۾ ان ”واٽهڙو“ پڪ سان ٽول انتظاميا جي تشدد کان ڊڄي پنهنجو نالو لڪايو هوندو. ڇو ته اهو ٽول پلازا پرتشدد ڪاروائين جي حوالي سان به مشهور آهي. اخبارون ۽ ٽي وي نيوز چينلس به انهن پرتشدد ڪارواين جون شاهد رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته هتان سنڌ زرعي يونيورسٽي جا نالي وارا پروفيسر، زرعي تحقيق جا زرعي محقق به مار کائي پهرين اسپتال، پوءِ ٿاڻو ۽ پوءِ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. اهي ته ٿيا نڌڻڪا، پر مشهور ۽ مقبول ٽي وي اينڪر صحافي به هن ٽول پلازا جي عملي هٿان ڪپڙا ڦاڙائي، زخمي ٿي چڪا آهن. مثال لاءِ ڪو واقعو گهرجي ته فيض کوسو ڳولي وٺو، ان کان پڇي وٺو.

هڪ طرف هي ٽول پلازا آهي، ٻئي طرف، ڪنهن کي خبر نه آهي ته ڄام شورو جي ٽن يونيورسٽين ۽ وڏي خيراتي اسپتال توڙي انهن جي آسپاس وارن رهائشي علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽول پلازا تي پهچندا آهن، ته يونيورسٽي ڏانهن اشارو ڪري، مفت ۾ هليا ويندا آهن. سعيد آباد واري ٽول پلازا تان به مقامي ماڻهو مفت ۾ ڪراس ڪندا آهن. ڀلا جيڪڏهن ڪو ٽيڪس ڏيندو به آهي، ته اتي صرف هڪ دفعو ٽيڪس ڏئي پرچي وٺبي آهي، جنهن جي قيمت 30 رپيا آهي، پر ڏيٿا لڳ ٽول ٽيڪس في، هر چڪر، هر ڪراس تي 50 رپيا، سچ ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي! ۽ اهو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مقامي ماڻهن کان ٽيڪس ڇو؟

هي ٽول پلازا هجڻ ئي حيدرآباد جي ٻاهرئين دنگ تي کپي، اگهه به اهو ساڳيو هجي، جيڪو ٻين پلازائن تي آهي، ته جيئن ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ ۾ به فراخدل ٿي پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *