دهشتگردي بابت ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان جو عالمي برادري نوٽيس وٺي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان دهشگردي ۾ سهڪار بابت ڀارت جي دفاع واري وزير جي بيان جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا کي ان بيان جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ڀارت جي دفاع واري وزير طرفان دهشتگردي بابت ڏنل بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته اهو بيان سڄي دنيا لاءِ ڳڻتي جو باعث آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 50هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو ڏنو آهي ۽ اربين ڊالرن جو مالي نقصان پڻ برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي دفاع واري وزير جو دهشتگردي ۾ سهڪار بابت بيان نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ سخت ڳڻتي جو باعث آهي. هن وڌيڪ چيو ته   پاڪستان سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ملڪ آهي ۽ ان ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀوڳيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندو آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر قسم جا مناسب قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا ناتا قائم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت پاڪستان خطي ۾سڀني پاڙيسري ملڪن سان سٺا ناتا قائم ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان کي ان بابت ڄاڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا پاڪ چين اقتصادي راهداري خلاف مهم هلائي رهي آهي جيڪو هڪ ناڪاري عمل آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سڄي خطي لاءِ فائديمند آهي ۽ پاڪستان ۽ چين ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو منصوبو خطي جي مجموعي ترقي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ايگزيڪٽ طرفان جعلي ڊگريون جاري ڪرڻ جي معاملي بابت هڪ سوال تي هن چيو ته ان ڪيس ۾ جامع جاچ ڪرائي پئي وڃي. هن تصديق ڪئي ته ايف آءِ اي جي هڪ ٽيم ان ڏس ۾ اربع ڏينهن امريڪي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو آهي. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان جي گهرو وزارت کي ان حوالي سان امريڪا سان سهڪار جي به هدايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي جا ڪي به آثار موجود ناهن ۽ اسان جون سيڪيورٽي ايجنسيون ضرورت پوڻ تي ڪنهن به ڪارروائي لاءِ الرٽ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *