احسن اقبال اقتصادي راهداري روٽ تي صنعتي زون قائم ڪرڻ لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) ترقي ۽ رٿابندي واري وزير احسن اقبال  اقتصادي راهداري روٽ تي صنعتي زون قائم ڪرڻ لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته منصوبي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي، سڀني کي فائدو پهچندو. پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاڪ-چين اقتصادي راهداري روٽ تي تعمير ٿيندڙ زون لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. احسن اقبال سياسي اڳواڻن کي پاڪ چين اقتصادي راهداري جي تعمير ٿيندڙ روٽ جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي روٽ جو دورو ڪرڻ گهرجي. راهداري منصوبي جو روٽ تبديل نه پيو ڪيو وڃي، ٻنهي ملڪن ۾ شروع ڪيل مختلف منصوبا 2030تائين مڪمل ٿي ويندا . هن ٻڌايو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان گلگت بلتستان سان زميني رابطن ۾ اضافو ٿيندو، سال لواري ٽنل منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو، توانائي شعبن ۾ 34 ارب  ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، رهداري منصوبي ۾ اسڪول ۽ اسپتال پڻ شامل آهن. احسن اقبال اورنج منصوبي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته هي منصوبو پنجاب جي صوبائي حڪومت شروع ڪيو آهي، ان سان وفاق جو واسطو ناهي، جڏهن ته سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ به اهڙا منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ ۾ توانائي منصوبا لڳائڻ چاهي ٿي، ڪراچي ۾ ميٽرو بس منصوبي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته رتو ديرو هاءِ وي منصوبو 2017 تائين مڪمل ٿي ويندو. ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ملڪ توانائي بحران جو شڪار ٿيو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ڪجهه سالن ۾ ملڪي معيشت کي ايترو نقصان پهچايو جو بنگلاديش به اسلام آباد کان اڳتي نڪري ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *