” دنگل گرل“ زائره وسيم سان اڏام ۾ هٿ چراند، انسٽا گرام تي وڊيو وائرل

ممبئي( شوبز نيوز ) فلم ” دنگل“ ۾ عامر جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره زائره وسيم سان فلائيٽ دوران مسافر طرفان هٿ چراند ڪئي جنهن تي هوءَ لڙڪ لاڙي ويٺي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم دنگ ذريعي انٽري ڪندڙ اداڪاره زائره وسيم دهلي مان وسترا ايئر لائن جي اڏام ذريعي ممبئي وڃي رهي هئي ته هن فلائيٽ دوران پاڻ سان پيش آيل واقعي بابت آگاهه ڪيو. اداڪاره سماجي رابطن جي ايپ انسٽا گرام تي هڪ وڊيو رکي جنهن ۾ هوءَ روئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته فلائيٽ ۾ سندس پويان ويٺل شخص ساڻس تنهن وقت هٿ چراند ڪئي جڏهن هوءَ ستل هئي. اداڪاره ٻڌايو ته مسافر سندس ڳچيءَ تي مسلسل هٿ لائيندو رهيو،  سندس وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهٽ روشني سبب مان ايئن نه ڪري سگهيس پر هوءَ ڪنهن حد تائين اسڪرين شارٽس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. اداڪاره فلائيٽ جي ڪيبن ڪريو کي طلب ڪيو ۽ ان شخص بابت شڪايت ڪئي پر عملي شخص خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. اداڪاره انسٽا گرام تي روئيندي زائره ٻڌايو ته تمام گهڻي پريشان آهيان، جيڪڏهن سندن ڪو حفاظت نه ٿو ڪري سگهي ته ڇوڪريون ڪيئن محفوظ رهنديون. اداڪاره جي وڊيو کانپوءِ ايئر لائن وسترا ٽوئٽ ڪيو ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، زائره سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو، اهڙو واقعو برداشت جوڳو ناهي جنهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *