سنڌ ۾ هاري خوشحال آهي…؟

پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته وطن ۽ عوام سان محبت سبب شھيد ڀٽو کي ڦاهي چاڙھيو ويو ۽ بي بي کي شھيد ڪرايو ويو. پاڪستان کي مسئلن مان نجات ڏيارڻ لاءِ ۽ ملڪي معيشيت کي بهتر بنائڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار هنن کان وٺي ڏيکارينداسين، عمرڪوٽ جي آبادگارن جي خوشحالي لاءِ واهه پڪا ڪرايا ويندا ۽ ٿر ۾ به پاڻي پهچايو ويندو آئون پاڻ آبادگار آھيان ان لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي صلاح ڏيان ٿو ته پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڊرپ ايريگيشن سسٽم تي اچو، ڪمند جي آبادگارن کي سٺا اگھه ڏيڻ چاهيون ٿا پر آبادگار ڪمند جي ايوريج کي وڌائڻ تي ڌيان ڏين،

عوام جا سڀ مسئلا حل ڪرڻ ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ چاهيان ٿو پر ان لاءِ وقت لڳندو ۽ آھستي آھستي ڪري ڏيکارينداسين ، ٿر جي ڌرتي تي اسان سڀني کي ناز آھي ڇاڪاڻ جو ٿري ماروئڙن ھميشه پ پ پ جو ساٿ ڏنو آھي، ٿر ڌرتي جي ڪري منھنجي نياڻي جو نالو بختاور آھي شادي جي ڪاڄن ۾ شرڪت ڪري پنھنجون ريتن ۽ رسمن کي ياد ڪندا آھيون،  ھن ملڪ ۽ ڌرتي خاطر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪڏھن به ڪنڌ نه جھڪايو ۽ سولي تي چڙھي ويو، بينظير ڀٽو به شير جي ڌيءُ ھئي ۽ شيرڻي ھئي جيڪا جان جي پرواھ نه ڪندي جلاوطن رھڻ بعد ملڪ واپس وري آئي ۽ سوين ڪارڪنن جي شھادت باوجود به مقابلو ڪندي رھي ۽ پاڻ به شھيد ٿي ويئي، ٿر سان محبت آھي ڌرتي سان محبت آھي زنده آ بيبي منھنجي دل جي نه پر سنڌ ديس ۾ وسندڙ دل جو نعرو آھي زنده ھي بيبي ھريرام ڪشوري لال کي چيو اٿم ته جلسو ميرپورخاص ۾ رکرائي ۽ عوام سان وري ملبو، ڪنري تعلقي ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ نبي سر واھ کي پڪو ڪيو ويندو، يوسي شھيد بختاور ۾ آھيان جنھن جو تعلق ڪنري تعلقي سان آھي صرف پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي،

جنهن علائقي ۾ 8 سالن کان پاڻي نه پئي پهتو اتي پ پ جي دور حڪومت ۾ پاڻي پهچايو ويو ۽ هاري خوشحال آهن ۽ سنڌ ۾ زراعت ۾ هڪ وڏي ترقي ٿي آهي، حڪومت سنڌ طرفان ڊرپ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 20 سيڪڙو زميندار کي حصو ڏيڻو پوندو ۽ 80 سيڪڙو حڪومت سنڌ برداشت ڪندي  ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ان جو ئي آهي، ٿر ۾ 14 ڊيم ٺاهيا ويا آهن جن سان وڏو فائدو ٿيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به وڌيڪ ڊيم ٺاهيا ويندا، اسان کي خبر آهي ته پاڪستان کي ڪيئن هلائڻو آهي. نواز حڪومت جيڪي به پاور پلانٽ لڳايا آهن انهن ۾ جتي هڪ روپئي جو خرچ هو اتي انهن 10 روپين جو خرچ ظاهر ڪيو آهي جنهن جي خبر ايندڙ وقت ۾ پئجي ويندي، پاڪستان هن وقت معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو حل صرف پ پ وٽ آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ اسان کي حڪومت ملي ته اسين انهن مسئلن کي حل ڪنداسين .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *