اٽليءَ ۾ ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي شاديءَ جون تقريبون شروع

ممبئي( شوبز نيوز )  اٽليءَ جي شهر ميلان ۾ بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جي شاديءَ جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته انوشڪا شرما ۽ ورات ڪوهلي 15 ڊسمبر تي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا جنهن جي تقريبن جي شروعات اٽلي جي شهر ميلان ۾ ٿي چڪي آهي. رپورٽ موجب ميلان ۽ فلورنس ۾ شاديءَ جي تقريبن جو انتظام ڪيو ويو آهي جڏهن ته شادي جو ميلو ٽسڪني جي حسين تاريخي قلعي ۾ سجندو. ڀارتي ميڊيا موجب انوشڪا شرما سڀ کان اڳ اديتا چوپڙا کي پنهنجي شادي بابت آگاهه ڪيو، شاهه رخ خان، عامر خان ۽ ٻين بالي ووڊ اداڪارن جي شاديءَ ۾ شرڪت جو امڪان آهي. ٻئي طرف ورات ڪوهلي طرفان 26 ڊسمبر تي ڀارت جي شهر ممبئي ۾ شادي جي آجياڻي جو انتظام ڪيو ويندو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *