دنيا ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، گڏجي هلڻو پوندو: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي. اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ مضبوط اپاءَ ورتا آهن، دستياب وسيلن مان به فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، معاشي حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، گڏجي هلڻو پوندو، چين ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن هڪ ٻئي سان واپار جو رستو ڪڍيو آهي، گڏيل ڀائيواري کانسواءِ ملڪن جي اقتصادي ترقي ممڪن ناهي،  حڪومت اڪيلي سر اقتصادي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي ڪامياب ملڪن کي ڏسڻو پوندو ته هنن ڪيئن ترقي ڪئي، ماڻهن کي ترقي ڏيڻ کانسواءِ اسان اقتصادي ترقي نه ٿا ڪري سگهون.  سندس چوڻ هو ته  شروع کان ئي پاڪستان برآمد کي هٿي ڏيڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ مضبوط اپاءَ ورتا ويا،  حڪومت آئي ته ايڪسچينج ريٽ گهڻو هئڻ سبب برآمد گهٽ هئي.  عبدالحفيظ شيخ چيو ته ڪجهه هفتن ۾ بجيٽ اچڻ واري آهي، معاشي فريم ورڪ جوڙڻو پوندو ۽ مالي خساري کي گهٽ ڪرڻو آهي، روينيو شعبو مستقبل جي گهرجن موجب آڻڻو پوندو، 13 سالن دوران ڪنهن ڪمپني جي نجڪاري نه ڪئي وئي، درآمد ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. ناڻي واري صلاحڪار مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي، تيل جي اگهن ۾ اضافي تي حڪومت جو ڪنٽرول ناهي، عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا ويندا،  معاشري ۾ پوئتي رهندڙن لاءِ سوشل پروگرام شروع ڪيا ويندا،  هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، مناسب پروگرام طئي ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *