صدارتي نظام بابت افواهه رد، دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر اين آر او نه ملندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام بابت خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته صدارتي نظام بابت ڪائي سوچ ويچار ئي موجود نه آهي اپوزيشن دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ملندو اسد عمر اڄ به پي ٽي آءِ جو حصو آهي هو زبردست ماڻهو آهي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  صدارتي نظام بابت ڪابه سوچ ويچار نه پئيڪئي وڃي وزياعظم کان سوال ڪيو ويو ته اڻ چونڊيل ماڻهو ڪابينه ۾ آيا آهن تنهنڪري صدارتي نظام جو تاثر اڀريو ان تي وزيراعظم چيو ته ماهرن جي ضرورت پوندي آهي تنهنڪري اڻ چونڊيل ماڻهن کي ڪابينه ۾ شامل ڪيو هن چيو ته جتي ماهر ماڻهو نه هوندا اتي ٽيڪنيڪل ماڻهو رکنداسين. وزيراعظم کي تبديل ڪرڻ جو مقصد صرف بيٽنگ آرڊر تبديلڪرڻ آهي عمران خان چيو ته ڏسڻو پوندو ته قانونسازي لاءِ پيش ڪيل بلن تي اپوزيشن ڪيترو ساٿ ڏي ٿو پيش ڪيل بلن جو تعلق سياست سان نه پر عوام سان آهي جيڪڏهن اپوزيشن بلن جي منظوري ۾ ساٿ ڏي ته وڏي ڳالهه ٿيندي اپوزيشن جمهوريت جي نالي تي پنهنجي چوري لڪائي رهي آهي هي ماڻهو پاڻ وائکا ٿي ويندا. وزيراعطم هڪ دفعو ٻيهر اين آر او بابت ترديد ڪندي چيو ته مخالف ڌر دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو معاشي اينڊيڪيٽرز ڏسي رهيو اهي ڏکئي وقت کان پوءِ سڄا ڏينهنا چڻا آهن اسان پنجن سالن ۾ عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي وزيراعظم صحافين سان ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي به موجود هو. وزيراعظم عمران خان رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو اهي ته انتظاميه ۽ آفيسر فيلڊ ۾ موجدو رهن نفعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ترت ايڪشن ورتو وڃي رمضان ۾ عوام کي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ بجلي گئس پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ صوبائي حڪومتن جي سطح تي ڪنٽرول روم ٺاهيا وڃن ته جيئن فيلڊ آفيسرن پاران روزانو جي بنياد تي موڪلي ويندڙ رپورٽن جو جائزو وٺي سگهجي ۽ رمضان ۾ انتظامي ڪنٽرول کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي هو جمعي تي هتي وزيراعظم هائوس ۾ رمضان پئڪيج 2019 جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو اجلاس ۾ عبدالرزاق دائود، عبدالحفيظ شيخ، عثمان بزدار، محمود خان، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، يوسف بيگ مرزا، نديم افضل چن، مخدوم هاشم، جوان بخت، ميان عاصم اقبال، تيمور سليم جگهڙا، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري چيف سيڪريٽري۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته رمضان مهيني کي آڏو رکي لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ويئي ته سحر ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي گئس ۽ پاڻي هر حال ۾ مهيا ڪيو وڇي ان سان گڏوگڏ امن امان جي صورتحال تي مڪمل نظر رکي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *