ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس، علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق

راولپنڊي (اين اين آءِ) عسڪري قيادت ملڪ ۾ جٽادار امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي آءِ ايس پي آر موجب 221هين ڪور ڪماندڙز ڪانفرنس جمعي تي جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيو ڪانفرنس جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا ڪئي اجلاس ۾ اڀرندڙ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ آپريشنل ردالفساد جي اڳڀرائي سميت ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو عسڪري قيادت ملڪ ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ ان مقصد لاءِ علائقائي امن لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *