فريال ٽالپر ۽ آغا سراج دراني جي ضمانت منظور، پيپلن جا جشن،مٺايون ورهايون ويون

اسلام آباد /ڪراچي/سکر(اسٽاف رپورٽر/م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي به ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب طرفان جواب جمع ڪرايو ويو ۽ فريال ٽالپر کي ضمانت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ سان گڏ دليل به ڏنا ۽ چيو ته ٽالپر جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد آهي، جڏهن ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي بينيفشري (فائدو وٺڻدڙ) به آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بئنچ ڪجهه دير لاءِ وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي مخالفت کي رد ڪندي پ پ ايم پي فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس هڪ ڪروڙ رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ٻِئي طرف  سکر جي احتساب عدالت پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. نيب طرفان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار ڪيل خورشيد شاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جاري ڪري ڇڏيو. عدالت خورشيد شاهه جي ضمانت 50 لک رُپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻن جون گرفتاريون وزيراعظم ۽ پي ٽي آئي جي انتقامي سوچ جو نتيجو هيون اسان کي يقين هو ته اهي سڀ ڪيس انهي سوچ جو نتيجو ۽ ڪوڙا ثابت ٿيندا ۽ ماضي وانگر هن ڀيري به ڪامياب ٿينداسين فريال ٽالپر جي رهائي اسان جي بيگناهي جو واضح ثبوت آهي اسان کي عدالتن کان انصاف جي توقع آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته خورشيد شاهه به جلد آزاد ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *