دادو لڳ ٽرڪ جو لوڊر رڪشي کي زوردار ٽڪر، 2  ڄڻا فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 سخت زخمي

دادو(د.ر) جوهي تعلقي جي ڳوٺ پٽ گل محمد ويجهو ڳوٺ گل ٻٻر وٽ ٽرڪ جو لوڊر رڪشي کي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڀنڊ برادري جا 2  ڄڻا فوت فوت 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ 60 سالا پيرسن غلام سرور ڀنڊ ۽ 10 سالن جي فضا ڌئ قلندر بخش شامل آهن، جڏهن ته 5 عورتون ۽ 7 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال دادو آندو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، زخمين ۾ نسيم، وسيم، خورشيد بيگم، حاڪم علي، ذڪيه، شائلان، شهنيلا، سلمى، يامين، حميران، ياسين، جنسار شامل آهن، جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙو 8 سالا وسيم ۽ 16 سالن جي حاڪم علي ڀنڊ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه علاج لاءِ نيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٿيل ڀنڊ برادري جا ماڻهو پنهنجي اباڻي ڳوٺ پٽ گل محمد جي قبرستان تي فاتح خواني لاءِ ويل هئا جيڪي واپس پنهنجي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي اچي رهيا هئا ته ڳوٺ گل ٻٻر وٽ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *