ايف بي آر چيئرمين ٽيڪس نظام کي معيشت لاءِ سنگين خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ٽيڪس نظام کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي موجوده ٽيڪس نظام کي ملڪي معيشت لاءِ سنگين خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم عمران خان کي ملڪي معيشت کي خطري بابت لکت آگاهي ڏيندي چيو آهي ته موجوده نظام ايندڙ نسلن لاءِ مضبوط ناهي، ٽيڪس اوڳاڙي جو نظام جي ڊي پي جي 10 سيڪڙو کان به گهٽ ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حقيقي آمدني بدران ڊائريڪٽ ٽيڪسن ذريعي ٽيڪس گڏ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي غير ٽيڪس شده دولت جمع ٿيل آهي. ايف بي آر چيئرمين طرفان وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جا ڪمرشل ڪنيڪشن رکندڙ 31 لک واپارين مان 90 سيڪڙو ٽيڪس کان ٻاهر آهن، 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ملڪ جون 300 ڪمپنيون ادا ڪنديون آهن، 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ميو  فيڪچرز سيڪٽر سان گڏ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ملڪ جو مينو فيڪچرنگ سيڪٽر ۽ صنعتي شعبو متاثر ٿيو آهي. ٻئي طرف ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي بئنڪن کي بي نامي اڪائونٽن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايف بي آر چيئرمين بئنڪن جي چيف فنانشل آفيسرن سان ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ايف بي آر چيئرمين سمورين بئنڪن کي بي نامي اڪائونٽن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي بي نامي اڪائونٽن جو خاتمو يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪندڙن خلاف پهرين جولاءِ کان ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *