شاهپورچاڪر ويجهو پرڻيل ناري غربت کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

شاهپورچاڪر(رپورٽر)شاهپورچاڪر ويجهو ڳوٺ پراڻو ڪرم الله ۾ ڳوٺاڻي ڌرمون ڪولهي جي 26 هن ورهين جي زال ڌني ڪولهڻ مبينا طور غربت کان تنگ اچي ڇت ۾ لڳل بجلي جي پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن پکي مان ٽنگيل لاش لاهي، فوتي عورت جي مائٽن  کي اطلاع ڪيو، جنهن  بعد عورت جا مائٽ ۽ شاهپور چاڪر پوليس پھچي ضروري ڪاروائي لاء واقعي هنڌ پهتي.   هوڏانهن فوتي عورت جي مڙس ڌرمون ڪولهي ٻڌائيندي چيو ته اسين پورهيت، هارپو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندڙ آهيون، اسين گهر مان زمين جي ڪم ڪار سان نڪري ويا هئاسين، تہ اوچتو گهر مان خبر پئي تہ منهنجي گهر واري ڦاهو کائي ڇڏيو آهي، جنهن تي اسان گهر پهتاسون، هن ٻڌايو ته واقعو گهر ۾ پيش اچڻ ڪري اسين پريشان آهيون. ٻئي طرف پوليس موجب فوتڻ جي وارثن پوسٽ مارٽم سميت ڪنهن بہ قسم جي ڪاروائي کان انڪار ڪيو آهي، جنهن ڪري پوسٽ مارٽم ناهي ٿيو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس ڪاروائي نہ ڪرائڻ بابت وارثن کان لکت وٺي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *