خيرپور ۾ ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ماڻهو اجل جو شڪار، 2 زخمي

خيرپور(اي پي پي) خيرپور لڳ ڪنب نوابشاهه مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي نوابشاهه کان روجهاڻ جمالي ويندڙ مسافر ڪار جو سامهون کان ايندڙ ٽريلر سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي اهو حادثو ڳوٺ جادو جوڻو وٽ پيش آيو. فوتين ۾ گل محمد جمالي، در محمد جمالي، محمد يعقوب جمالي، عبدالطيف جمالي ۽ راضل جالي شامل آهن. فوتين جا مڙهه ۽ زخمي ٻارڙن کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته بعد ۾ 5فوتين جا مڙهه روجهاڻ جمالي جهٽ پٽ بلوچستان منتقل ڪيا ويا. واقعي بعد ٽريلر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *