بالي ووڊ کان 4 فلمن جي آڇ ٿي آهي جن مان هڪ فلم جو اسڪرپٽ به موڪليو ويو آهي: نيلم منير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته کيس بالي ووڊ کان 4 فلمن جي آڇ ٿي آهي، جن مان هڪ فلم جو اسڪرپٽ به کيس موڪليو ويو آهي، جنهن جو هوءَ جائزو وٺي رهي آهي. خابرو اداري سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران نيلم منير چيو ته اداڪاري منهنجي مجبوري نه پر شوق آهي ۽ ان جي لاءِ جيڪو پراجيڪٽ سٺو لڳندو آهي اهو ئي ڪندي آهيان، هن چيو ته پهريان مون کان شاديءَ بابت سوال ڪيو ويندو هو، پر هاڻي سڀ مون کان فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇندا آهن، فلمن ۾ ڪم لاءِ مون کي ڪيتريون ئي آڇون ٿيون آهن پر انهن مان ڪو هڪ به اسڪرپٽ اهڙو نه مليو جيڪو پڙهي ها ڪيان ها. بالي ووڊ کان به مون سان رابطو ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ پروڊيوسر ته فلم جو اسڪرپٽ به موڪليو آهي، جيڪو پڙهي رهي آهيان، وڌيڪ 3 آڇون آهن، نيلم جو چوڻ هو ته بالي ووڊ بيشڪ هڪ وڏي فلم انڊسٽري آهي جتي هر ڪو ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي، جيڪي هِن وقت اتي ڪم ڪري رهيا آهن مان انهن لاءِ نيڪ خواهشون رکندڙ آهيان، پر جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون لاءِ سڀ کان اهم ڪهاڻي ۽ ڪردار آهي، هن چيو ته مان اسٽار فوبيا جو شڪار ناهيان، ان جي لاءِ منهنجي سامهون جيڪو به آيو مون کي ان تي ڪو فرق نه پوندو، پاڪستان ۾ هاڻي سياسي جماعتون به فلمون ٺاهي رهيون آهن، جن مان به هڪ ڊائريڪٽر مون سان رابطو ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *