ڪوئٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت 3 ماڻهو مارجي ويا

ڪوئٽا (اي پي پي) ڪوئٽا ۾ جوائنٽ روڊ تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سميت 3 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته هڪ عورت سميت 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب گذريل ڏينهن ڪوئٽا سول ٿاڻي جي حد جوائنٽ روڊ پاسپورٽ آفيس ويجهو اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن اوچتو فائرنگ  شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ حسن، شبير ۽ ڪالا خان موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته فاطمھ بي بي، نعمت الله ۽ خدا بخش زخمي ٿي پيا. جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *